مٺياڻيء ۾ پھريون ڀيرو ڪتي ڏاڙھڻ جي ايف آء آر داخل

0

 مٺياڻي(اي این این) مٺياڻيء ۾ پھريون ڀيرو ڪتي ڏاڙھڻ جي ايف آء آر داخل، مٺياڻي ٽائون ڪاميٽيء جي سيڪريٽريء کي جوابدار ڄاڻايو ويو۔ خبر موجب مٺياڻي ٽائون ڪاميٽيء جي وارڊ اٺين ۽ ڳوٺ قربان علي چانڊيو جي رھواسي منور علي پٽ ارباب علي چانڊيو کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ھو، جنھن بعد متاثر شھري منور علي چانڊيو جي فرياد تي مٺياڻي ٿاڻي تي گناھ نمبر : 2021/ 15 تحت ٽائون ڪاميٽي مٺياڻيء جي سيڪريٽري کي جوابدار ڄاڻايو ويو آھي۔ واضح رھی تہ ٽائون ڪاميٽي جو انچارج ٽائون آفیسر ھوندو آھی۔

About Author

Leave A Reply