ميرپور خاص ۾ پوليس اهلڪار پاران ڊي ايس پي خلاف پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

0

ميرپورخاص(اي اين اين) ميرپورخاص جي پوليس اهلڪار ماجد شاه ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر عتيق الرحمٰن جي مبينا ظلمن خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس اهلڪار پاران پاڻ تي پيٽرول هاري باه ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي ماڻهن پوليس اهلڪار آپگھات ڪرڻ کان روڪي ورتو.

انهي موقعي تي پوليس اهلڪار ماجد شاه دانهيندي چيو ته ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر عتيق الرحمٰن پوليس اهلڪارن کي تنگ ڪري ٿو ۽ ڪُڌن ۽ گندن ڪمن لاءِ مجبور ڪري ٿو انڪار ڪرڻ تي مون سميت ٻين پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽين تان غيرحاضر ڪرڻ ۽ ڊبل ڊيوٽين تي لڳائي گهر وڃڻ لاءِ به موڪل نه ٿو ڏئي.

هن چيو ته آءُ ڊبل ڊيوٽيون ڪرڻ بعد پنهنجن ٻچن سان ملڻ لاءِ ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي ويس ته هن مون کي غيرحاضر ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته ڊي ايس پي جي ظلمن کان تنگ ٿي آپگھات کان سواءِ ڪو به رستو نه بچيو هو جنهن ڪري اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيس.

انهي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي عابد بلوچ چيو ته پوليس اهلڪار پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش واري واقعي جي مڪمل انڪوارئري لاءِ ڊي ايس پي سٽي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري کيس مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Author

Leave A Reply