ميرپور خاص پوليس پاران رٽائرڊ استاد جا قاتل ۽ ڦورن جو گروه گرفتار

0

ميرپورخاص(اي اين اين) ايس ايس پي ميرپورخاص عابد بلوچ جي پنھنجي دفتر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 8 مارچ تي گھران وڃڻ بعد پرسرار طور گُم ٿيل رٽائرڊ استاد احمد علي شاہ جي گُم ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي حد جي ٿاڻي کي اُستاد کي بازياب ڪرائڻ جو حُڪم ڏنو جنهن بعد پوليس پنهنجي نيٽ ورڪ ذريعي ڪوششون ڪري ٻن جوابدارعلي محمد ۽ دوست محمد کي گرفتار ڪيو جن جي نشاندهي تي رٽائرڊ اُستاد جو لاش 21 مارچ تي زمين ۾ پوريل ھٿ آيو ھيو

جوابدارن قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته رٽائرڊ اُستاد کي مٿي ۾ ڏنڊا ھڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ۽ موٽرسائيڪل واٽر سپلائي ڀرسان دفن ڪيو آهي جنهن بعد لاش ۽ موٽرسائيڪل کي زمين کوٽي غم ٿيل اُستاد جو لاش هٿ ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويئي

هن چيو ته ڪجھ عرصي کان شهر ۾ موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿيڻ جا واقعه وڌي ويا هئا جنهن جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ اوز کي موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ ۾ ملوث ٽولي کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون جنهن تي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار جي بين الضلاع ٽولي جي چار مک جوابدارن زبير ٻٻر، ڪريم بخش رند، محمد سليم ٻٻر ۽ جاني ٻٻر کي گرفتار ڪري جوابدارن جي قبضي مان چوري ڪيل 14 موٽر سائيڪلون، موبائل فون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن

جڏهن ته ٽولي ٻين ميمبرن جيڪي پوليس جي ڪاروائين فرار ٿي ويا آهن انهنن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڏسڻ ۾ آيو آهي ته 22 اي تحت  ايف آءِ آر داخل ٿيڻ لاءِ آيل درخواستون 70 سيڪڙو ڪوڙيون هونديون آهن پر هاڻ 22 اي جو قانون ختم ٿي چُڪو آهي

پوليس عوام جي شڪايت تي سڌي طرح سان ڪيس داخل ڪيا ويندا پر انهي لاءِ شڪايت ڪندڙ کان هڪ حلف نامو ورتو ويندو جنهن ۾ واضح لکرايو ويندو ته جيڪڏهن شڪايت ڪوڙي نڪتي ته انهي جي خلاف ڪيس درج ڪيو ويندو

About Author

Leave A Reply