ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بارجي چونڊن ۾ فرينڊز پينل ڪامياب،وڪيلن جي ريلي

0

ميرپورخاص (اي اين اين) ڊسٽرڪٽ بارايسوسيئيشن ميرپورخاص جون چونڊون پرزائڊنگ آفيسر سيڪنڊ سينئرسول جج ميرپورخاص اشفاق نظاماڻي جي نگراني ۾ منعقد ٿيون. نتيجن مطابق صدر جي عهدي لاءِ فرينڊز پئنل جي نامزد ڪيل اميدوار مير نعيم ٽالپر 312 ووٽ کنيا ۽ مخالف يونائيٽڊ پئنل جي صدر اميدوار نبي بخش ناريجو 130 ووٽ کنيا

جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ فريندز پئنل جي سڪندر ڪولاچي 258 ووٽ کنيا ۽ مخالف يونائٽيڊ پئنل جي جنرل سيڪريٽري جي اُميدوار مسعود لغاري 180 ووٽ کنيا. فريندز پئنل جي نائب صدرآصف زئي، جوائنٽ سيڪريٽري ڪامران ڀٽي، لائبريري سيڪريٽري وشن ڪولهي ۽ خزانچي دليل مري پڻ مخالف اُميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي

جڏهن ته مينئجنگ ڪاميٽي تي فرينڊز پئنل جي اخترعلي پنهور، ميرزمان ٽالپر، راشد علي شاه، علي جاويد چوڌري، مير سيف الله ٽالپر، ميرمحمد عيسيٰ نهڙي ۽ فرحان احمد قريشي اُميدوارن کي سرسي حاصل آهي. چونڊن ۾  489 رجسٽرڊ ووٽن مان 400 کان وڌيڪ ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. فرينڊز پئنل جي ڪاميابي تي حامي وڪيلن پاران ريلي ڪڍي جھمريون هنيون ويون ۽ مٺائي ورهائي ويئي

ان موقعي تي فرينڊز پئنل جي ڪامياب ٿيل صدر ميرنعيم ٽالپر ۽ جنرل سيڪريٽري سڪندر ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪاميابي تمام وڪيل ڀائرن جي ڪاميابي آهي اسين تمام وڪيل ڀائرن جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان کي هي اهم ذميواري ڏني آهي فرينڊز پئنل جا ڪامياب ٿيل تمام اڳواڻ بنا ڪنهن فرق جي وڪيلن جي خدمت ڪندا ۽ وڪيل برادري جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا

About Author

Leave A Reply