موهن ڀڳت جي ورسي ملهائي وئي، ثقافت کاتي کي صلاح

0

مٺي (اي اين اين) مٺي ۾ سنڌ جي مهان راڳي موهن ڀڳت جي 24 هين ورسي وارثن پاران ملهائي ويئي، جنهن ۾ ٿر جي نالي وارن فنڪارن سرن جي ڀيٽا ڏيئي پنڊال ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو

ورسي جي تقريب ۾ ٿر جي نالي وارن فنڪارن ڀڳڙو ناچيز، شنڪر ڀڳت، ڪريم فقير، ٻڍو فقير، ايشور لال ليلاڻي، ارجن ڀڳت، لڄپت ڀڳت ۽ ٻين لطيف سرڪار جون وايون ۽ لوڪ گيت ٻڌائي موهن ڀڳت کي 24 هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي

ٿر جي فنڪارن هتان ڪي هوت لنگهيا ۽ ٻيون وايون ٻڌايون ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي ويا، تقريب ۾ ڳالهائيندي ٿر جي صحافين ۽ فنڪارن چيو ته موهن ڀڳت اسان کان وڇڙي ويو آهي پر ان جا ڳايل گيت اڄ به جهر جهنگ ۾ گونجن ٿا ۽ موهن ڀڳت جي ڳايل گيتن کي سندس پٽ شنڪر ڀڳت ساڳئي روپ ۾ صوفي ويس پائي ڳائي ٿو

هنن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ جو ثقافت کاتو اهڙن ڪردارن کي ڪڏهن به ياد نه ٿو ڪري، جڏهن ته کاتي کي گهرجي ته هر سال موهن ڀڳت

.سميت ٻين فنڪارن جون ورسي تقريبون سرڪاري خرچ تي ملهائي

About Author

Leave A Reply