مورو ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي رهائشي ڪالوني گندگي جو ڍير بڻيل

0

نوشهروفيروز(اي اين اين)مورو جي سرڪاري اسپتال جي پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ ٺهيل رهائشي ڪالوني ۾ بااثرن پاران مال جا واڙا قائم ڪرڻ سان گڏ هر طرف گندگي جا ڍير لڳائي رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي

ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي شڪايتون ڪرڻ باوجود نه ئي مال جا واڙا ٺاهيندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي نه ئي وري صفائي ڪرائي وڃي ٿي جنهن ڪري ڪالوني جا رهواسي معصوم ٻار مرد توڙي عوررتون مڇر وڌي وڃڻ ڪري مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن

ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مال جا واڙا قائم ڪندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري گندگي جا بڻيل ڍير صاف ڪرائي رهواسين کي بيمارين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

About Author

Leave A Reply