مورو ۾ وڪروڪيل نينگري بازياب، جوابدار گرفتار، ناري دارالامان سکر منتقل، والدين جي ڳولا

0

مورو(اي اين اين)مورو  پوليس خفيه اطلاع ملڻ تي مورو ڀرسان دادواھ لڳ المدينه پئٽرول پمپ پويان محمد نواز جمالي جي گهر تي ڇاپو هڻي ستن سالن جي معصوم نينگري شازيه ڌي نور محمد مڱڻهار کي هٿ ڪري هڪ جوابدار محمد نواز جمالي کي گرفتار ڪري ورتو

 بازياب ٿيل نينگري جو ڪيس جوابدار محمد نواز جمالي تي داخل ڪري نينگري شازيه مڱڻهار ۽ گرفتار ڪيل جوابدار محمد نواز جمالي کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو صفدر علي مهيسر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت پاران نينگري کي دارالمان سکر ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڪيو ويوآهي، جڏهن ته پڪڙيل جوابدار کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي مورو پوليس حوالي ڪيو آهي

ان سلسلي ۾ مورو پوليس ٻڌايو ته کين ڳجهو اطلاع مليو ته مذڪوره گهر ۾ هڪ نينگري هر وقت روئندي رهي ٿي ۽ پنهنجي مائٽن لاءِ دانهون ڪري ٿي، جنهن تي ڇاپو هڻي نينگري کي برآمد ڪيو آهي جنهن بابت معلوم ٿيو آهي ته مذڪوره نينگري شازيه کي سندس والدين 35 هزارن ۾ وڪرو ڪري ڏئي ويا آهن، جيڪي جيڪب آباد جي علائقي جا رهواسي آهن

ٻئي طرف پڪڙيل جوابدار محمد نواز جمالي ٻڌايو ته هن مذڪوره نينگري 35 هزارن ۾ نور محمد مڱڻهار کان شادي ڪرڻ لاء خريد ڪئي آهي. هوڏانهن نينگري جي والدين جي ڳولا لاءِ جيڪب آباد پوليس کي واقعي جو اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي

About Author

Leave A Reply