مورو ۾ وحشي پاران ٽن سالن جي معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي، جوابدار فرار

0

مورو (رپورٽ: اختر لغاري) مورو ۾ وحشي جی ٽن سالن جي معصوم نياڻي فوزيه سان جنسي ڏاڍائي، جوابدار فرار ميڊيڪل چيڪ اپ جي رپورٽ ۾ ڏاڍائي جي تصديق ماء کي بيهوشي جا مورو شھر جي گچيرو روڊ صابن چونڪ لڳ پورهيت اعجاز جي ٽن سالن جي معصوم ڌي فوزيه سان سندس گهر جي ڀر ۾ رهندڙ جوابدار جاويد ولد علم الدين ڪورائي معصوم نياڻي کي شيءِ وٺي ڏيڻ جي بهاني پنهنجي گهر ۾ کڻي ويهڪ واري جاءِ تي جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو.
معصوم نياڻي جي دانهن رڙين تي سندس امڙ جوابدار جي گهر پهتي ته سندس نياڻي رتورت ٿيل هئي جيڪا پنهنجي معصوم نياڻي کي کڻي دانهون رڙيون ڪندي مورو ٿاڻي تي پهتي، جتي ايس ايڇ او محسن رضا جنڊاڻ فوري طور تي مذڪوره عورت جي رپورٽ داخل ڪئي ۽ سندس کي ساڻ ڪري ميڊيڪل چيڪ اپ لاء تعلقه اسپتال مورو آندو جتي ڊاڪٽرياڻي معصوم نياڻي جو ابتدائي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو جنهن ۾ جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي آهي. ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ هو ته معصوم نياڻي کي ظالم جوابدار ويهڪ واري جاء تي ريپ ڪيو آھي جنهن جي ڪري سندس ويهڪ واري جاء چيرجي وئي آھي جتان رت وهيو آھي نياڻي کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي نياڻي جا وارث ۽ عزيز پڻ تعلقه اسپتال مورو پهتا. معصوم نياڻي جي امڙ ۽ پيء نياڻي کي کڻي درد ڀرين دانهن ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب پورهيت آھيون اسان جي معصوم نياڻي سان ظالم جوابدار جاويد ڪورائي ڏاڍائي ڪئي آھي.
مورو ٿاڻي تي جوابدار جاويد ڪورائي تي جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي هتان جي سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين انهي واقعي جي سخت لفظن جي مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

About Author

Leave A Reply