مورو ۾ شاگردياڻي سان رڪشا ڊرائيور جي ڏاڍائي، جوابدار گرفتار

0

مورو(اي اين اين)مورو شھر جي دادو روڊ جي ملڪ ڪالوني جي رهواسڻ ماروي گرلز ڪاليج مورو جي يارهين ڪلاس جي شاگردياڻي ن ڌي گلاب کي روزانو رڪشا تي گھر کان ڪاليج تائين کڻي ويندڙ رڪشا واري بھانو بڻائي پنھنجي گھر ۾ آڻي ساڻس مبينا ڀور ڏاڍائي ڪئي آهي. اھڙي اطلاع ملڻ تي شاگردياڻي جا وارث پھچي ويا، جڏھن ته جوابدار فرار ٿي ويو ۽ اھڙو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو

مورو پوليس پھچي زيادتي جو شڪار ٿيل شاگردياڻي کي کڻائي مورو اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرياڻي پاران ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري جزا وٺي ليبارٽي ڏانهن موڪليا آھن. ان سلسلي ۾ شاگردياڻي جي والد گلاب چيو تہ سندس نياڻي مورو جي گرلز ڪاليج ۾ يارھين ڪلاس ۾ پڙھندي آھي جنھن کي پاڙي ۾ رھندڙ رڪشا وارو کڻي ويندو آھي ۽ ان سان گڏ ٻيون ڇوڪريون به وينديون آھن پر ڪالھ منھنجي ڇوڪري اڪيلي ھئي جنھن کي رڪشا وارو ورغلائي گھر کڻي وڃي جنسي ڏاڍائي ڪئي آهي ۽ ان جا ڪپڙا به تبديل ڪيا ويا آھن

 واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آھي مورو پوليس وڏي ڪوشش بعد جوابدار امتياز ماڇي کي گرفتار ڪري مورو ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو آھي. ھن چيو ته ھو بااثر آھن مان مسڪين غريب آھيان مونسان وڏو ظلم ٿيو آھي انصاف ڪري جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي ٻئي طرف مورو پوليس مبينا ڏاڍائي جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار کي مورو

.اسپتال آڻي سندس جزا وٺي ليبارٽي ڏانهن موڪليا آھن جنھن جي پڻ رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقت سامھون اچي ويندي

About Author

Leave A Reply