مورو: پوليس تي ڳوٺاڻي کي ”هاف فرائي“ ڪرڻ جو الزام، ووٽ نه ڏيڻ تي ڳوٺاڻي جا دڪان پوليس پٽ ڪري ڇڏيا

0

مورو(اي اين اين ايس) قمرالدين پوليس پاران ڳوٺاڻي علي حسن بروھي کي گھران گرفتار ڪري مبينه طور زخمي (ھاف فرائي) ڪرڻ خلاف مورو پريس ڪلب آڏو وارثن احتجاجي مظاھرو ڪندي انصاف جي گھر ڪئي

ان موقعي تي وارثن محمد بخش بروھي، علي نواز بروھي، خير محمد بروھي، فضل بروھي جمن بروھي ۽ سليمان بروھي ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام هنيو ته قمرالدين ٿاڻي جي پوليس ڪنھن جي چرچ تي علي حسن بروھي کي گھران گرفتار ڪري تشدد ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ابتو ٽنگي سگريٽن جا ڏنڀ ڏنا ۽ بعد ۾  پوليس سندس آزاديءَ لاءِ وارثن کان پنج لک روپين جي گھر ڪئي

هنن الزام هنيو ته پئسه نه ملڻ تي پوليس جھنگ ۾ ٽوار جي علائقي ۾ کڻي علي حسن بروھي کي ٽنگ ۾ گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي حالت نازڪ ھئڻ ڪري نواب شاھه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته قمرالدين پوليس بعد ۾ علي حسن بروھي کي ڦورو ڏيکاري مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڪيترائي ئي ڪرمنل ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رڪارڊ ۾ غريب ڳوٺاڻي کي وڏو ڏوھاري ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته هن کان  مٿس ڪو به ڪيس داخل ناهي

ٻئي طرف مورو ڀرسان ڪانڌڙا ڪالوني ۾ ڪورائي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عظيم راڄپر جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري مير حسن سولنگي جي دڪانن تي چڙھائي ڪري سندس چار دڪان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ دوڪانن ۾ پيل

.سامان پاڻ کڻائي ويو

پوليس گردي خلاف مير حسن سولنگي، نظام الدين سولنگي، نديم، شمن ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پي پي کي ووٽ نه ڏيڻ تي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري وڏيرن علي محمد ڇڇر، اڪبر سولنگي ۽ ٻين جي چوڻ تي سندن دڪان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا

.آھن ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيو آھي

About Author

Leave A Reply