مورو لڳ ڦرون ۽ چوريون معمول بڻيل، مزاحمت تي هڪ زخمي، رهواسين جو مظاهرو

0

مورو(اي اين اين)مورو ڀرسان گچيرو روڊ تي زيتون جي باغ وٽ  غلام مرتضيٰ لغاري کان ٽي  ھٿياربند موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ 30 ھزار روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ  تي ھٿياربندن غلام مرتضيٰ لغاري مٿان ڏنڊن جا وسڪارا ڪري کيس زخمي  ڪري ڇڏيو

واردات بعد زخمي کي مورو اسپتال آندو ويو ۽ اهڙو اطلاع مورو ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس بر وقت ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. ٻئي طرف زخمي جي وارثن ۽ زخمي ڦر واقعي ۽ پوليس جي رويي خلاف غلام مرتضيٰ لغاري، شمن لغاري، اصغر، راڻو خان، محمد اسلم، ڪامريڊ سڪندر علي لغاري، استاد غلام نقي، شوڪت آرائين ۽ ٻين مورو پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاھرو ڪري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو ٿاڻي جي ايس ايس ايڇ او اڪبر کوکر هٿياربند جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي.

هنن چيو ته مورو شهر ۽ لنڪ روڊ محفوظ نه آهن ڌاڙا ڦرون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن. بدامني چوٽ چڙهيل آهي هر روز ماڻهو زخمي ٿين ٿا پر ايس ايڇ او کي ڪابه پرواه نه آهي

About Author

Leave A Reply