مورو لڳ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت فوت، وارثن ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو

0

مورو(اي اي اين)مورو ڀرسان قومي شاھراھ تي طارق پيٽرول پمپ وٽ موٽر سائيڪل سوار کي تيز رفتار ٽرالر پويان ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت مسمات آمنه زال علي بخش ڏاهري چيپاٽجي موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته موٽرسائيڪل هلائيندڙ سندس ڏيرمعشوق ڏاهري معمولي زخمي ٿي پيو

فوتي ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال مورو پھچايو ويو، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ فوتي عورت جو  لاش وارثن جي  حوالي ڪيو ويو جڏهن ته معشوق ڏاهري کي ملم پٽي ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو

ٻئي طرف حادثي واري جاءِ تان ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏهن ته مورو پوليس ٽرالر کي  پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي اهڙي حادثي جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن پاران ٽرالر ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو. موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ مقيم ڏاهري کان پنهنجي گهر مورو اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو

About Author

Leave A Reply