مورو لڳ بجلي جي تارن مان گهرن کي باهه

0

مورو(اختر لغاري وٽان) مورو ڀرسان سنڌو درياء جي ڪناري ڪچي جي ڳوٺ لغاري احمداڻي حسن جا ڀاڻ ۾  جاويد لغاري ۽ خالد لغاري جي ٻن  گھرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي جنھن ڪري گھرن ۾ پيل سونا زيور، نقد رقم، اناج، گھريلو سامان ڏاج جو سامان گھرن سميت مڪمل سڙي رک ٿي ويو

گھرن جا ڀاتي باھ لڳڻ وقت پنھنجون جانيون بچائي دانهون رڙيون ڪندا  گھرن کان ٻاھر نڪري آيا پنهنجن اکين آڏو پنهنجا گهر سڙندي ڏسي  روئندا رهيا باھ جا متاثرين  کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن انهن جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي جيڪي  سرڪار ڏانھن  مدد لاءِ واجھائي رھيا آھن

ان موقعي تي باھ جي متاثرين جاويد لغاري، خالد لغاري وسيم لغاري پنھنجن ٻارن سميت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو سڀ ڪجھ  الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آھي ڪا به شئي نه بچي آھي

 ھنن سنڌ جي وڏي وزير، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ مورو انتظاميه کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي اسان کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply