مورو: زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو، انصاف جي اپيل

0

 مورو(اختر لغاري وٽان)مورو ڀرسان ڳوٺ پراڻه جتوئي جي رهواسين جو زرعي زمين تي قبضي ۽ بااثر ماڻهن جي ڌمڪين خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي منظور علي ڀٽي، قربان علي ڀٽي، عاشق علي ڀٽي، عباس علي ڀٽي، صدام ڀٽي، رياض ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

ان موقعي ته اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيرن اصغر ڀٽي، اڪبر ڀٽي، انور ڀٽي، سڄڻ ڀٽي، اختر ڀٽي ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي زرعي زمين پنج ايڪڙ هڪ گهنٽا آهي جنهن تي مذڪوره بااثر وڏيرن قبضو ڪري پنهنجا هٿيار بند ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن

هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي ته اسان جي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply