مورو: درس پولیس خلاف عورتن جو احتجاج

0

مورو(ای این این ایس) مورو شھر جي درس روڊ جي غريب آباد پاڙي جي رھواسي عورتن جميلا سومرو ۽ رخسانه سومرو مورو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڀاءُ عبدالستار سومرو کي گذريل ڏينھن درس پوليس ايس ايڇ او رفيق ٻوھيو بااثرن جي چوڻ تي بنا جواز کنڀي ان مٿان ڪچي شراب جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي
ھنن چيو تہ اسان جو ڀاءُ پورھيت آھي، مزدوري ڪندو آھي درس پوليس رشوت نہ ڏيڻ تي اھو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي
ھنن چيو تہ درس پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪندي وڏيرن بااثرن جي ونگارو بڻجي وئي آھي جيڪا ھر روز غريب مسڪين ماڻھن کي تنگ ڪري رھي آھي هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڀاءُ عبدالستار سومرو مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply