مورو:نوجوان ۽ ناري پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جو مطالبو

0

(نوشھرو فيروز(اي این این ایس
نوان جتوئي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد مشوري جي نوجوان عبدالغني مشوري ۽ ڳوٺ درس جي رهواسڻ ناري سائره ملڪ پنهنجي وڪيل جي معرفت نوشھروفيروز ۾ جسٽس آف پيس سامهون بيان ڏئي حلف نامون ڪرائي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو ۽ مولوي وٽ نڪاح پڙهايو ویو
نوجوان ناري سائره ملڪ نوان جتوئي پريس ڪلب ۾ غني مشوري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون پنهنجي گهر مان راز خوشئ سان عبدالغني مشوري سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي، جنهن کان پوءِ ڀائر, والد ۽ مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ، ڪاروڪاري جو الزام مڙهي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن
هنن مطالبو ڪيو ته کین تحفظ ڏنو وڃي

About Author

Leave A Reply