مورو:زال جي خودڪشي بعد مڙس به آپگهات ڪري ڇڏيو

0

مورو(اختر لغاري) مورو ڀرسان ڳوٺ ڌيرڻ ۾ نوجوان شادي شده تاري ڪولهي پنهنجي گهر اندر گاڊر ۾ رسو وجهي پيرن هيٺان پيتي رکي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي
خبر پوڻ تي گهر ڀاتي لاش کي هيٺ لاهي گهر ۾ رکيو جڏهن ته ٻئي طرف ڦاهو کاڌل زال جي مڙس نوجوان بابو ڪولهي جهنگ ۾ وڃي بيدمشڪ جي وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي
آس پاس جي ماڻھن وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي اهڙو اطلاع سندس وارثن کي ڏنو سندس وارث واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سندس گهر آندو بعد ۾ اهڙو اطلاع حد جي درس پوليس کي ڏنو ويو

پوليس ڌيرڻ پهچي زال مڙس جا لاش کڻائي مورو اسپتال آندا جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته وارث سندن لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا
ٻئي طرف ٻنهي زال مڙسن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو آھي جڏهن ته خودڪشي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي
خودڪشي ڪندڙ زال ۽ مڙس جي وارثن ويرجي ڪولهي, راشي ڪولهي, کيتو ڪولهي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته زال ۽ مڙس ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ڪري زال تاري ڪولهي گذريل رات دير سان گهر اندر خودڪشي ڪئي هئي جڏهن اها خبر سندس مڙس بابو ڪولهي کي پئي تي هن برداشت نه ڪندي گهر کان ٻاهر وڃي جهنگ ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي
هنن چيو ته اسان پوسٽ مارٽ نه ڪرايو آھي ۽ نه وري ڪو ڪيس داخل ڪرائينداسين. خودڪشي ڪندڙ زال ۽ مڙس کي هڪ معصوم نياڻي جو اولاد آھي
زال ۽ مڙس جي خودڪشي جو ڪارڻ گهرو اڻڀڻت تان ٻڌايو وڃي ٿو پر اصل حقيقت جي اڃان تائين ڪابه خبر نه پئجي سگهي آھي

About Author

Leave A Reply