ماڻهن جي روحن جي ترجماني ڪندڙ راڳي صادق فقير جي نالي تي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي: مقررين

0

مٺي (اي اين اين) سنڌ جي مهان راڳي صادق فقير جي چوٿين ورسي جي موقعي تي کيس شاندار لفظن ۽ سرن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس مزار تي چادر چاڙھي وئي، جنهن بعد صادق فقير چوڪ تي تقريب ٿي، جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته صادق فقير جو آواز ٿر جي صحرا جو آواز هو جنهن ۾ صحرا جيتري گهرائي آھي ۽ صحرا جي سموري پيڙا موجود هئي، جنهن پيڙا مان ٿر گذري ٿو. صادق ماڻھن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي جنهن سبب کيس هر ماڻھو چاهي ٿو

راڳي شفيع فقير چيو ته راڳ جو تعلق روح سان آھي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو حقيقي راڳ اهو جو ماڻھن جي روحن کي ڇهي ۽ ترجماني ڪري ۽ ٽٽلن کي ڳنڍي. ڪي ڌن جي زور تي جبلتون ڪندا آھن پر روحن ۾ نه پهچندا آھن اسي سيڪڙو ماڻھو لوڪ راڳ ٻڌن ٿا ضمير خمير وارو ماڻھو ئي زندهه رهندا آھن جنهن پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي کي اپنايو اهي امر ٿي ويا صادق فقيرجهڙو ڪوبه ناهي ٿيڻو

هن وڌيڪ چيو ته فنڪار قوم جا سفير هوندا آھن صادق فقير جي نالي سان اڪيڊمي قائم ٿيڻ گهرجي

شاعر علي دوست عاجز، قومپرست اڳواڻ امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر شنڪر، خالد جوڳي، ڊاڪٽر منوج ملاڻي، خادم ٽالپر، صابر فقير، سڪيلڌو راهمون، حاجي ساند، مير بليدي، سليمان راهمون، ڊاڪٽر گلزار عثمان، پيارو شيواڻي، دولت کتري ۽ ٻين خطاب ڪيو. محفل موسيقي ۾ شفيع فقير، رفيق فقير، رجب فقير، نزاڪت فقير، عباس فقير، زوار فقير ۽ ٻين سر وکيريا، جڏھن ته صادق فقير فائونڊيشن پاران نامور راڳي رفيق فقير کي صادق فقير ايوارڊ ڏنو ويو

About Author

Leave A Reply