لاڙڪاڻي ۾ يوم پاڪستان تي مختلف هنڌن تي تقريبون

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين) يوم پاڪستان جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ هائير سيڪنڊري ۽ ايليمينٽري ايجوڪيشن آفيسر اختر ڪوريجو جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کان بينڊ باجن سان گڏ قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. جتي قومي ترانو ڳائي پاڪ فوج جي جوانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان زندهه آباد جا نعرا لڳايا ويا

ريلي ۾ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو، مجاهد حسين جروار، استاد گل دايو، نثار احمد مغيري ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي احاطي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. جڏهن ته تقريب ۾ شاگردن پاران قومي گيت ڳائي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي سلامتي توڙي خوشحاليءَ لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءَ الرحمان چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو راز بهتر صحت ۽ بهتر تعليم هوندو آهي، آزادي جو قدر اسان تڏهن ڪري سگهون ٿا جڏهن جيئو ۽ جيئڻ ڏيو وارو فلسفو سمجهي سگهياسين

آءِ بي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ شاهد حسين مهيسر چيو ته هي ملڪ اسان کي وڏين قربانين کان پوءِ مليو آهي ۽ اهو زنده قوم هجڻ جو ثبوت آهي ته اسان جو نئون نسل هن ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائي رهيو آهي

Larkana: Students during cricket match on the eve of Pak Day held here on Saturday

تقريب ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڪي داس، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ پٺاڻ، ايڊيشنل رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي، ڊائريڪٽر ايڊميشن پروفيسر رياض احمد شيخ، وائيس پرنسپال ڊاڪٽر سعيد احمد شيخ، ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر الياس شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر علي سومرو، ايڊمن آفيسر اصغر علي ڀٽو، ڊاڪٽر عدنان وهاب قريشي، انجنيئر روشن علي شيخ، پرنسپال فارميسي ڪاليج عبدالرئوف خاصخيلي، پرنسپال نرسنگ ڪاليج غلام عباس، چانڊڪا ڪاليج جي فيڪلٽي، شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن پاران روٽري انٽرنيشنل ڪلب جي سهڪار سان شهر جي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ پاڪستان هاڪي ڪلب ۽ وائيٽ ڪلب جي وچ ۾ نمائشي مئچ کيڏي وئي. سخت مقابلي کان پوءِ پاڪستان هاڪي ڪلب 4.3 گولن تان وائيٽ ڪلب کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ۾ فاتح ٽيم طرفان سمير سولنگي، جواد چانڊيو، مسلم جتوئي ۽ عبدالباسط گول اسڪور ڪيو

جڏهن ته وائيٽ ڪلب طرفان عبدالله، لورنس ۽ توقير هڪ هڪ گول ڪيو. ان موقعي تي مهمان خاص چيئرمين ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن ۽ صدر لاڙڪاڻو پريس ڪلب ايس اقبال بابو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر غلام جعفر سامٽيو ۽ ٻين ونر ۽ رنر ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ انعام پڻ ورهايا

About Author

Leave A Reply