لاڙڪاڻي ۾ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين ايس) نظر محلا جي رهواسڻ صاحب خاتون پنهنجي مڙس شاهنواز چانڊيو ۽ پٽ دلبر چانڊيو سان مقتول ڀاءُ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ توڙي بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سال 2011 ۾ سڱاوتي معاملي تان ڀاءُ شمن عرف مورچانڊيوکي جوابدارن گلزار چانڊيو، دلدار چانڊيو، علي محمد عرف محب چانڊيو، يعقوب چانڊيو ۽ ٻين قتل ڪيو، واقعي جو ڪيس حد جي رحمت پور ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس واقعي ۾ ملوث ٽن روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

جوابدار ڌر بااثر آهي جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن چار ڏينهن اڳ ٽريڪٽر ڊرائيور پٽ دلبر چانڊيو کي رستي ۾ روڪي سخت مارڪٽ بعد هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو جنهن واقعي جو ڪيس پوليس داخل نه پئي ڪري جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي

About Author

Leave A Reply