لاڙڪاڻي ۾ عورت ٻن مٿن واري ٻار کي جنم ڏنو

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) بلوچستان جي علائقي جهل مگسي جي رهواسڻ ڳورهاري عورت لاڙڪاڻي شهر جي وومين اسپتال ۾ ٻن مٿن واري ٻار کي جنم ڏنو
تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال ۾ عورت هڪ جسم ٻن مٿن واري ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو
اسپتال اندر موجود ماڻهن خدا جي ڪائنات تي حيران، بلوچستان جي علائقي جهل مگسي سان تعلق رکندڙ عورت شمل خاتون ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد بيهوش ٿي وئي، جڏهن ته ٻار ڪجھ وقت فاني جهان ۾ ساھ کڻڻ بعد فوت ٿي ويو. ان موقعي تي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ٻارڙي کي زندگي ملي پر افسوس آهي ته اسان سندس جي زندگي بچائي نه سگهياسين

About Author

Leave A Reply