لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي بندش جاري، عملي تي رشوت جا الزام

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين ايس) ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداوار وڌي وڃڻ جي باوجود لاڙڪاڻي ۾سيپڪو جي عملي پاران بجليءَ جون هزارين ناجائز ڪنڊيون ڪنيڪشن ڪٽڻ بجاءِ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۾ واڌ آڻي لاڙڪاڻي واسين جو گرميءَ جي شدت ۾ ساهه مٺ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اوٺا گرڊ اسٽيشن جي انچارج ڀرپاسي جي ڳوٺن جي فيڊر تان غير قانوني بجلي ڏئي منٿلي اوڳاڙي رهيو آهي

ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب لاڙڪاڻي شهر جي ڏاکڻي آباديءَ واري وڏي محلي الهه آباد، خالق ڪالوني، خدا آباد، مينهل آباد، انور ڪالوني، گولي مار گهٽي سميت مختلف علائقن ۾ بجليءَ جي سيپڪو جي عملي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪر07.08.2018ي ڇڏيو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته اوٺا گرڊ اسٽيشن جو انچارج ڀرپاسي جي ڳوٺن کي الهه آباد فيڊر کان غير قانوني بجليءَ جا ڪنيڪشن ڏئي انهن کان ماهوار منٿلي وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويو آهي، جنهن ڪري الهه آباد فيڊر تي 6-6 ڪلاڪن جي لاڳيتي 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪري صارفين کي شديد گرميءَ ۾ تڙپائڻ شروع ڪيو آهي

ٻئي پاسي الهه آباد فيڊر جي انچارج لائين سپرينٽينڊنٽ عملي سميت مٿين علائقن مان هزارين غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽڻ کان لنوائي رهيا آهن. ذريعن موجب ڪنڊا ڪنيڪشن هڻائيندڙ في گهر کان سيپڪو جو عملو 500 روپيا في گهر اوڳاڙي رهيو آهي جڏهن ته هٿرادو الهه آباد فيڊر تي فالٽ وجھڻ لاءِ انچارج لائين سپرينٽينڊنٽ گرڊ عملي کي 500 روپيا في فالٽ تي رشوت طور ايزي لوڊ تي هيرائي ڇڏيو آهي.

جناح باغ سب ڊويزن جي انجنيئر ۽ ايس ڊي او کي بار بار ڪنڊي ڪنيڪشن خلاف دانهون ڪرڻ توڙي هٿرادو لوڊ شيڊنگ لاءِ کين شڪايتون ڪيون ويون آهن پر اهي صارفين جون شڪايون هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن ڏانهن ڪڍي ڇڏين ٿا، علائقي واسين بجليءَ ۽ پاڻيءَ جي نگران وفاقي وزير، سيپڪو چيف سکر، ايس اي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته هٿرادو ٿيندڙ لوڊ شيڊنگ جو نوٽيس وٺندي رشوتخور عملي کي بدلي ڪري ايماندار عملو مقرر ڪري فيڊر تان ڳوٺن کي غير قانوني ويندڙ بجلي ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي صارفين کي رليف فراهم ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply