لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران نتيجن جو اعلان، نجي اسڪولن کي سرسي

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين ايس) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران ڏهين ڪلاس جي سالياني نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نتيجن موجب سائنس گروپ ۾ انڊس گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي رابعه عاصم پهرين پوزيشن، دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگرد سارنگ ابڙو ۽ شمس انگلش اسڪول جي شاگردياڻي زينب خاتون ڏگيل طور ٻي پوزيشن ۽ دي سٽي اسڪول جي صفي احمد علي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

جنرل گروپ ۾ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد خليل الرحمٰن پهرين پوزيشن، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ون ميهڙ جي شاگرد راجا سرفراز ٻين پوزيشن ۽ گورنمنيٽ مهراڻ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ جي شاگرد ساجد علي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان جي سائنس ۽ جنرل گروپ ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. جن مان سائنس گروپ ۾ مجموعي طور 39498 مان 34443 پاس، 5073 فيل، 848 ڪاپي ڪيس، 56 جا ڪاغذ اڻپورا هئڻ سبب نتيجا روڪڻ سان گڏ 16 جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي. جنرل گروپ ۾ مجموعي طور 3399 مان 2810 پاس، 614 فيل، 331 ڪاپي ڪيس ۽ هڪ اميدوار جا ڪاغذ اڻپورا هئڻ سبب نتيجو روڪيو ويو آهي.

About Author

Leave A Reply