عوام جي موجوده سياسي ڇڪتاڻ کان لاتعلقيء جو وڏو سبب سرڪار ۽ سياستدانن پاران کين ڪو به لاڀ نه ڏيڻ آھي، الطاف خان مشوري

0

 مٺياڻي (ای این این) عوام جي موجوده سياسي ڇڪتاڻ کان لاتعلقيء جو وڏو سبب سرڪار ۽ سياستدانن پاران کين ڪو به لاڀ نه ڏيڻ آھي، جنھنڪري عوام جي اڪثريت انھن مان مايوس ٿي چڪی آھي۔ اھڙن خيالن جو اظھار سياسي سماجي شخصيت ۽ مشوري برادريء جي چيف سردار الطاف خان مشوريء آچر واري ڏينھن پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) طرفان ڏنل آجياڻي ۽ سندس پاران نون چونڊيل عھديدارن کي گلن جا ھار پارائڻ واري تقريب دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو۔
ان موقعي تي پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ ) جي صدر صوبدار علي مشوري ۽ جنرل سيڪريٽري فرھاد حسين مستوئي، الطاف خان ۽ ساڻس گڏ آيل پنجاب جي مھمانن کي اجرڪ ۽ گلن جا ھار پيش ڪيا۔

سردارالطاف خان وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته صحافت حق ۽ سچ جي واٽ آھي جيڪو صحافي سچ لکي ٿو ڄڻ ته جھاد ڪري ٿو۔ ھن وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ عوام سياسي ڀوتارن مان نااميد ٿي چڪو آھي , ھي وقت عوام سان گڏجي سندن ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ جو آھي۔

جڏھن ته تقريب ۾ ناليوارو سماج سڌارڪ ۽ جسٽس آف پيس لالا حسن پٺاڻ، سينئر صحافي عتيق الرحمان قريشي، ايڊووڪيٽ انتظار خان مشوري، شاھنواز خان مشوري، اميد علي مشوري, حاجي ممتاز مشوري، عبدالجبار مشوري۔ امام بخش مشوري ۔ ارشادالله مشوري، ماما عطا حسين مشوري، ماسٽر يونس مشوري، گلزار مدني ۔ فوجي رمضان مشوري ۔ گلشر مشوري ۔ زاھد علي ۔ عبدالحق ۔ عبدالحفيظ سينئر صحافي غلام النبي ڀٽي، عبدالستار ڪنڀر، امتياز علي چانڊيو، رانا اڪرام راجپوت، عبداللہ مستوئی، لالا اقبال ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔

About Author

Leave A Reply