عوام ايماندار ۽ ڪارڪن لڏي کي ووٽ ڪندو، هاڻي ڪرپٽ نه کٽندا: عبدالحق ڀرٽ

0

 نوشهروفيروز (رپورٽ: خادم سيال) نوشهروفيروز جي قومي تڪ 212 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 35 جي آزاد اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ پاران نوشهروفيروز ۾ اليڪشن مهم جو آغاز پير نول گهوٽ جي مزار تي چادر چاڙهي ڪيو ويو

ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عبدالحق ڀرٽ چيو ته ووٽ تمام وڏو قيمتي آهي ووٽ اسان جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي جيڪڏهن اسان پنهنجو ووٽ ڪنهن غلط ماڻهو کي ڏينداسين ته هو اهو ئي ڪم ڪندو جيڪو سندن ڪاروبار هوندو اڄ جو عوام باشعور آهي هر اميدوار جو ڪردار عوام جي سامهون کليل ڪتاب وانگر آهي فيصلو توهان کي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته ووٽ جا جج به توهان پاڻ آهيو

هن چيو ته اڄ جو باشعور نوجوان، هاري، مزدور ۽ ورڪر لڏوساڻس گڏ آهي جيڪي مخالفين جي ڪنهن به لالچ ۾ نه ايندا ڇاڪاڻ ته انهن ڀوتارن جي هاڻ ڪا به حيثيت ناهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۾ هاڻي انهن ماڻهن جي اڪثريت آهي جنهن ڪرپشن کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو

ان موقعي تي امام علي ڀرٽ، سهيل احمد راڄپر، صدرالدين کوکر، عبدالغني ڏنگراچ، عبدالغفور ڏنگراچ، لطيف پنهور

.ظهور ٻٻر، ظهير پنهور، عمران شمس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

About Author

Leave A Reply