عمران جوکيو قتل ڪيس، اهلڪارن کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا

0

نوشهروفيروز (رپورٽ: خادم سيال) 8 سال اڳ نوشهروفيروز کان ڦل شهر ويندڙ نوجوان عمران جوکيو کي ٻن پوليس اهلڪارن پاران رڪشا مان لاهي گم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز عنايت الله ڀٽو جي عدالت ۾ ٿي عدالت نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن پوليس اهلڪارن غلام رسول مري ۽ الياس سهتو کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک ڏنڊ جي سزا  ۽ ڦل ٿاڻي جي اڳوڻي انچارج ايس ايڇ او مريد مري کي 3 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي

جڏهن ته ايس ايڇ او اسلم لغاري ۽ پي سي صمد ڦل تي ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي کين ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي

واضح رهي ته عمران جوکيو ڪيس ۾ ٻه جوابدر غلام رسول مري ۽ الياس سهتو اڳ ئي جيل ۾ قيد آهن جڏهن ته جوابدار مريد مري کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته عمران قتل ڪيس ۾ سندس امڙ نه وسرندڙ جدوجهد ڪئي ۽ شهر، شهر ۾ احتجاج ڪيو ايتريقدر جو هو ڪراچيءَ ۾ انصاف لاءِ ٻاڪاريندي رهي، جڏهن ته صحافين، سماجي تنظيمن جي نمائندن عبدالشڪور عباسي، قاضي ذوالفقار ۽ ٻين سندس ڀرپور ساٿ ڏنو

About Author

Leave A Reply