صحت، تعليم ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪنديس: ايڊووڪيٽ ڪاوش باغ لغاري

0

ٽنڊو محمد خان (اي اين اين ايس)ٽنڊو محمد خان جي صوبائي تڪ 69 تي تبديلي پسند پارٽي جي اميدوار عورت ايڊووڪيٽ ڪاوش باغ لغاري پنهنجي تڪ جي دوري تي علائقي جي اندر عورتن جي حقن جي ترجماني، بند پيل نياڻين جي اسڪولن کي فوري طور کولرائڻ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ فلٽر پلانٽ لڳائڻ، هارين تان جبري پورهيو ختم ڪرائڻ ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جو پنهنجو منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي.

هن ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاهه ڪريم جي مختلف ڳوٺن لاکاٽ، نڪرجي فارم، ڳوٺ سانوڻ خان لغاري، ڳوٺ هوندل خان لغاري، ڳوٺ حاجي غلام حسين لغاري ۽ ٻين ننڊن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي صوبائي تڪ 69 جي عوام کي ڪا به بنيادي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي.

عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي کي ڇڏي واهن ۾ پاڻي مڪمل نه ڏنو ويو آهي. علائقي جي اندر صحت تعليم جي ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مختلف برادرين طرفان تبديلي پسند پارٽي جي اميدوار عورت ايڊووڪٽ ڪاوش باغ لغاري جي حمايت ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ خاصخيلي برادري، زئور برادري، اقليتي ميگهواڙ ۽ ڪولهي برادري به شامل آهي.

About Author

Leave A Reply