صالح پٽ ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار گرفتار

0

صالح پٽ (اي اين اين)صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪلوارو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب جوابدار سڪندر شنباڻي پنهنجي زال نوجوان ناري صنم ڌي عبدالطيف گوپانگ ۽ پاڙيسري 22 سالن جي سڪندر شنباڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد صالح پٽ ٿاڻي تي پسٽل سميت پيش پيو

جوابدار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن کي قتل تي ڪو به پڇتاءُ ناهي. هن غيرت ۾ اچي قتل ڪيا آهن. هن ٻڌيو ته سال اڳ ٽي لک رپين ۾ سڱ ورتو هئائين

ٻئي طرف مقتوله جي ماءَ عظمت گوپانگ  صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته جوابدار سڪندر شنباڻي ڌي کي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو،جوابدار مقتول قلندر بخش کي صنم جي قتل بعد هڪ هوٽل تان گھر کڻي آيو ۽ کيس ڊوڙائي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو

افسوس اٿم جومون ڌي جو سڱ ڏاج جي ٽي لک عيوض ڏنو هو، اهڙي خبر هجي ها ته ڌي کي نه پرڻايان هان

جڏهن ته صالح پٽ پوليس 18 ساله ناري صنم گوپانگ ۽ 20 ساله قلندر بخش شنباڻي جا لاش صالح پٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي سهولت نه هجڻ سبب ٻنهي مقتولن جا لاش الڳ الڳ  ڊاسٽنن ۾ روهڙي تعلقه اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيا

About Author

Leave A Reply