صالح پٽ ۾ نينگري سان زيادتي، وارثن جو احتجاج

0

صالح پٽ(رپورٽ: رحيم بخش) صالح پٽ جي رھواسي آدم ٽانوري صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منھنجي نياڻي 8 ورھين جي ر سان صدام مڱڻھار, مير مڱڻھار يوسف ملاح جي گھر ۾ لڄالٽ ڪئي.
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته يوسف ملاح جو پٽ مذڪوره جوابدرن سان منھنجي معصوم نياڻي “ر” کي راند کيڏڻ جي بھاني پنھنجي گھر وٺي ويو جتي صدام مڱڻھار ۽ مير مڱڻھار اڳ ۾ ئي ويٺا ھئا, جن زبردستي منھنجي نياڻي سان اھو ظلم ڪيو, جنھن جو فرياد مون صالح پٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي.
ھن ڊي آء جي سکر ريجن، ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آھي ته مون سان ظلم ٿيو آھي، شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply