صالح پٽ ۾ اسڪول بغير عمارت هلڻ لڳو، اڪيلو استاد به بدلي، شاگردن جو احتجاج

0

صالح پٽ (رپورٽ: رحيم بخش)گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پيربخش ڀٽو ايٽ بهادر علي مگسي تعلقو صالح پٽ ضلع سکر 2011ع ۾ کوليو ويو پر ان کي اڄ تائين بلڊنگ ناهي ملي سگهي

هڪ پاسي اسڪول بنان عمارت هلي رهيو هو ته مٿان اتان جو استاد به بدلي ڪيو ويو آهي

اسڪول جي شاگردن احتجاج ڪندي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاھ ۽  وزير تعليم سردار شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي تعليمي مستقبل کي بچائڻ لاءِ فوري طور استاد ڏنو وڃي

ٻئي طرف هن اسڪول جي شاگردن کي هڪ ڳوٺاڻو نوجوان دوست علي مگسي رضاڪارانه طور تعليم ڏئي رهيو آهي

.اسڪول ۾ 136 شاگرد داخل آهن

About Author

Leave A Reply