صالح پٽ: مڙس پاران ساهرن تي ٻار ضايع ڪرائڻ جو الزام

0

صالح پٽ (اي اين اين)روهڙي جي پرهياڙ برادري مقصوده بي بي عبدالرزاق، نجمہ نوري پريس ڪلب صالح پٽ ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڏيڍ سال اڳ خادم ڀٽي سندس ڌي نازيه اخترسندن ڀائٽي شان علي کي نڪاح ڪري ڏني هئي، جيڪا ڏيڍ سال گذرڻ بعد مڙس سان گهرو اڻبڻت تان سندس پيءَ وٽ هلي وئي.

ٻئي پاسي ناري جو مڙس روهڙي ٿاڻي تي فرياد کڻي ويو تہ سندس زال 7 مهينن جي پيٽ سان ڳورهاري آهي جيڪا کيس واپس ڪرائي ڏني وڃي. هنن الزام هنيو ته نازيه اختر سندس والد خادم  ڀٽي ماءَ ڪنيزا ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري 7 مهينن جو ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

About Author

Leave A Reply