صالح پٽ:احساس ڪفالت پروگرام سينٽر غريبن لاء عذاب بڻيل, في ڪارڊ تي 1000 کان 1500روپيا ڪٽوتي

0

صالح پٽ (رپورٽ: رحيم بخش چنڙ) صالح پٽ ھائير سيڪنڊري ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر غريبن لاء عذاب بڻيل آھي۔ ڊوائيس هولڊرن جا ايجنٽ مقرر ڪيل آھن، جيڪي في ڪارڊ تي 1000 روپيا کان 1500روپيا ڪٽوتي ڪن ٿا۔ عوام صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان مسڪين آھيون اسان جي ڪنھن به اثر رسوخ وارن سان ڪا به ڄاڻ سڃاڻ ڪانھي ان ڪري اسان کي احساس ڪفالت پروگرام جي پئسن بدران ڌڪا ملن ٿا باقي جيڪي ايجنٽن جي راضپي تحت ھلن ٿا ته انھن کي با آساني پئسا ملڻ سان گڏ ويھڻ لاء بينچون ۽ پيئڻ لاء ٿڌو پاڻي ملي رھيو آھي باقي ٻيا غريب ايئين ئي ڌڪا کائي کائي گھر موٽي وڃن ٿا۔
ھنن وڌيڪ اھو به ٻڌايو ته احساس ڪفالت سينٽر ٻاھران قائم ڪيل دوڪانن سان به ھنن جو ھٿ ٻڌل آھن جنھن ڪري سينٽر اندر پاڻي نٿو رکيو وڃي اسان اڃ کان تنگ ٿي ڪري مجبورن دوڪانن تان منرل واٽر وٺڻو ٿو پوي جيڪي 30روپيا واري بوتل 40 روپيا ۾ وڪرو ڪن ٿا ڪيترن ماڻھن اھو به ٻڌايو ته اسان ڀلي قطار ۾ سڀ کان پھريان ڇونه بيٺا ھجون پر ايجنٽ پنھنجي من پسندن کان شناختي ڪارڊ وٺي انھن کي ڪيش وٺي ڏين ٿا اسان کي اھوچئي چپ ڪرايو وڃي ٿو ته ڪيش اچڻ ۾ ڪجھ دير آھي ليڪن ھنن جي ڪيش ڏيڻ وارا ايجنٽ احساس ڪفالت سينٽر ۾ ھڪ مخصوص جڳھ تي ويٺل آھن جيڪو به ايجنٽن جي راضپي تي ھلي ٿو ته ان کي ان مخصوص جڳھ ڏانھن موڪليو وڃي ٿو پڇا ڪرڻ تي وڌيڪ معلوم ٿيو آھي ته مسلسل ڪيترائي ڏينھن پنڌ ڪرايا وڃن ٿا پر پوء به پئسا ڪون ٿا ملن انھن جا ايجنٽ چون ٿا ته جيڪڏھن اسان سان صحيح نه ھلندو ته ايئين ئي ڌڪا کائي ڳوٺ موٽي ويندو ھنن اعلا انتظاميا کي اپيل ڪئي آھي ته ازخود نوٽيس وٺي اھڙي ڪڌي عمل خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن غريب عوام کي احساس ڪفالت پروگرام جي پئسن وصول ڪرڻ ۾ آساني پئدا ٿئي۽ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته احساس ڪفالت سينٽر جو انچارج به انھن سان ئي ٻٽ بڻيل آھن۔

About Author

Leave A Reply