سڪرنڊ پوليس جي ناجائزين خلاف رهواسین جو رمضان ۾ احتجاجي مظاھرو

0

سڪرنڊ(رپورٽ: گل محمد لغاري)
سڪرنڊ ۾ پوليس جي ناجائزين خلاف مھراڻ ڪالوني سڪرنڊ جي رهواسین محرم رند ۽ الھرکيو رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو
پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان دوران ڳالھائيندي مظاھرين چيو ته سڪرنڊ پوليس ايس ايڇ او عبدالطيف ٿھيم، جمعدار قربان لاکو سندن زندگي عذاب ڪري ڇڏي آھي. اسان شريف مال جا واپاري آھيون اسان جو چورين ۽ منشيات کپائڻ سان ڪو به واسطو نه آھي
ڪجھ ڏينھن اڳ سڪرنڊ پوليس جمعدار قربان لاکو جي اڳواڻي ۾ بناجواز رات دير سان اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڇھن ڄڻن کي بنا جواز گرفتار ڪري لاڪپ ڪیو
ان کان پوءِ اسان پنجن کي ڇڏي ڏنو، جڏهن ته چوڏھن سالن جي علي حسن رند کي نه ڇڏيو ۽ چيو ويو ته ان جي جاچ ھلي پئي ان دوران اسان کان ڳري رشوت جي گھر ڪئي وئي جيڪا اسان مسڪين نه ڏئي سگھيا سون ان کان پوءِ ڪالھ پوليس ان کي چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي
اسان ايم اين اي غلام مصطفی شاھ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، آجي سنڌ، ڊي آجي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ٿا ڪيون ته صاف جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply