سکر ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٻين مسئلن خلاف احتجاج

0

سکر(اي اين اين ايس) سکر شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي عدم فراهمي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، گيس پريشر ۾ گهٽتائي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي عدم فراهمي سميت ٻيا شهري مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ نگران حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي خلاف سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ غلام مصطفي ڦلپوٽو، دوا خان، رضوان قادري، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، آغا اڪرم دراني، اشفاق ڀٽي، منير ميمڻ، ظهير ڀٽي، زبير قريشي، شعبان ميراڻي ، اسلام نور، شبير ميمڻ، عبدالباري انصاري، حسن شهيد، گل حسن گوپانگ، عتيق الله سومرو، ڪيلاش، شعيب ڪنڌر سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سکر شهر جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ ملڻ جي باوجود ماضي جي چونڊيل نمائندن ۽ ميئر سکر عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي تائين فراهم ناهي ڪيو

شهري کي مضر صحت پاڻي جي فراهمي جي ڪري بيماريو پکيڙجي رهيون آهن، شهر ۾ صفائي سٿرائي جي ابتر

.صورتحال، صحت  ۽ تعليم جي سهولتن جي عدم فراهمي جي ڪري شهري اذيت ناڪ صورتحال ۾ گهريل آهن

About Author

Leave A Reply