سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي غلط علاج سبب فوت ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

0

نوشهروفيروز (رپورٽ: منظور ملڪ/ای این این ایس)
پي ايس 35 نوشهروفيروز جي سيٽ تي هر اليڪشن ۾ بيهندڙ، مٺياڻي جي اهم شخصيت ۽ سيد مهدي شاهه جو گادي نشين سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو غلط علاج ٿيڻ تي فوت ٿي وڃڻ خلاف سيد برادري پاران سيد غلام مرتضيٰ شاهه، سيد غلام شبير، سيد يوسف علي، سيد ميرل شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3 مهينا اڳ حيدرآباد جي سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر بلال ۽ ليڊي ڊاڪٽر عطيه جي غفلت ۽ غلط علاج ٿيڻ ڪري سيد غلام مصطفيٰ شاهه اسان کان وڇڙي ويو جنهن جي وارثن کي هن مهل تائين انصاف ناهي ملي سگهيو. اسان وزيراعليٰ سنڌ، وزير صحت، سيڪريٽري صحت، ڊائريڪٽر صحت، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ سيشن جج حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته غلط علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي

About Author

Leave A Reply