سهيل سانگي جي والد جو ٽيجهو، سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت، اي اين اين سٿ طرفان ڏک جو اظهار

0

حيدرآباد(اي اين اين) نامياري سينئر صحافي ۽ اي اين اين جي بورڊ ميمبر سھيل سانگي جي والد ۽ سينئر صحافي رياض سهيل جو ڏاڏي محمد رمضان جنجھي جو ٽيجھو عمرڪوٽ ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سياسي سماجي حلقن سان تعلق رکندڙ ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر نور علي شاھ، سليمان راڄڙ، غلام محمد مھر، حاجي محبت راڄڙ، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد چانڊيو، اشوڪ شرما، محمد اسلم مھر، ارباب نيڪ محمد، ڪامريڊ نندلال مالھي، برھان ڪنڀر، الجھڙيو سومرو، لجپت مالھي، اشوڪ ڪمار، رمضان نھڙي، عبدالجبار نھڙي، الياس رند، علي اڪبر راهمون شرڪت ڪئي

Muhammad Ramzan Janjhi Late

جڏهن ته ڄام عبدالغني سميجو، نور محمد سيال، ڀارو مل امراڻي، وڪيل ليلارام، پروفيسر مھيش روپاڻي، سڀاش چندر روپاڻي، وڪيلن خدا بخش پنھور، اسلام الدين راھمون، ميان بخش کوسو، امان الله جنجھي، عبدالحفيظ جنجھي، نور محمد بجير، عبدالرزاق انقلابي، ھيمن داس چنداڻي، ذوالفقار کوسو، ياسر سوڍڙ، سراج ڀاڳت، ناصر لسڪاڻي، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر سميت ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

ٻئي طرف اي اين اين سٿ پاران سهيل سانگي، رياض سهيل، نياز احمد ۽ فياض حسين سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

About Author

Leave A Reply