سنڌ جي وحدت خلاف ڪم ٿيو تہ سڀ کان پهرين اياز لطيف پليجو ان جي مخالفت ڪندو

0

مورو(ای این این ایس) قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو مورو پهچي پارٽي جي مرڪزي نائب صدر خان سومرو ۽ هدايت الله سومرو سان سندس والد جي وفات تي عذرخواهي ڪري دعا گهري
ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ خطرناڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، سنڌ جي وسيلن ۽ حاڪميت تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌين کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، هڪڙي پاسي وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي معرفت سنڌ ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي تہ ٻئي پاسي سنڌ جي عوام کي بي يارو مددگار ڪيو ويو آھي
وفاقي حڪومت ۽ پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جي وحدت تي وار ڪيا ويا آهن، مهانگائي بيروزگاري سبب سنڌ جو عوام خودڪشين تي مجبور آهي، اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو تہ پ پ ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ تي ٻٽو نظام نافذ ڪيو ويو، پر سنڌ جي سخت رد عمل سبب ٻٽو نظام رد ٿي ويو
اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي مفادن خاطر جي ڊي اي ۾ شامل ٿيا آهيون اگر ڪنهن موڙ تي جي ڊي اي جو موقف سنڌ جي وحدت جي خلاف هوندو تہ سڀ کان پهرين اياز لطيف پليجو ان جي مخالفت ڪندو ۽ الڳ ٿي بيهندو، اسان سنڌ تي ڪنهن بہ قسم جو وار قبول نہ ڪنداسين، اڄ قومي عوامي تحريڪ پاران تنگواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن ۽ سنڌ جي جي نياڻين جي قتل خلاف محبت سنڌ ريلي ڪڍي ويندي ۽ 3 نومبر حيدرآباد ۾ جلسہ عام ڪيو ويندو
ان موقعي تي مصطفيٰ نظاماڻي، مقصود جهتيال، محبوب جوکيو، جنيد عمراڻي، اقبال ڪلهوڙو، غلام نبي لاکو، اختر پروو، نازٹ عالماڻي، نزاڪت سنڌي، عزيز سومرو ،امان الله سومرو ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا

About Author

Leave A Reply