سنڌوءَ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي، ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي: زين شاهه

0

 نوشهروفيروز (اي اين اين) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر سيد زين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌوءَ مٿان ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم قبول ناهي. وفاقي حڪومت ڌاري آبادڪاري تي جيڪو نادر شاهي فرمان جاري ڪيو آهي اها سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي پر انهن جون اهي سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

دنيا اندر اهو ڪٿي به قانون ناهي جو عارضي پناهه وٺندڙ ماڻهن کي اتان جي شناخت ڏني وڃي پر انهن کي پناهگير ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو آهي پر هتان جا حڪمران پنهنجي ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تنگ ڪندي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ جا اعلان پيا ڪن ان لاءِ هر محاذ تي آواز اٿاري عملي جدوجهد ڪئي ويندي

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪمرانن کي پيغام ڏيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت سنڌ ۾ رهندڙ 35 لک کان مٿي پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪري پنهنجي ڏيهه موڪليو وڃي ڇاڪاڻ ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار آهن ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا به ذميوار آهن

اسان سنڌ جي  شعور وندن سان گڏجي پر امن احتجاج ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائينداسين تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ جي قوم پرست ڌرين هڪ نقاطي ايجنڊا تي فوڪس ڪيو آهي ته ڪاميابي ملي آهي

زين شاهه نوشهروفيروز پهچي نوابشاهه ڊويزن جي نائب صدر غلام قمبر مري سان سندس چاچي عبدالفتاح مري جي لاڏاڻي تي سندس ڳوٺ پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي صدر رضا بهڻ، اسلم ڪوريجو، استاد

.گلبهار مري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

About Author

Leave A Reply