سماجي اڳواڻن پاران سيف تي اسڪول بند ڪرائڻ جا الزام، 12 فيبروري تي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

0

حيدرآباد(اي اين اين) آل سنڌ سيف پارٽنرز ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي طرفان آچر تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ اهم پريس ڪانفرنس دوران مرڪزي ڪنوينر غلام مصطفيٰ نظاماڻي مرڪزي ڪاميٽي ميمبرن نصير الدين ڪلهوڙو (نوشهروفيروز) منظور حسين ڀٽي (عمر ڪوٽ) واجد لغاري (ميرپورخاص) علي ڏنو شر (سانگهڙ) محمد عرس عمراڻي (شهدادپور) عبدالحميد آرائين (نوابشاهه) عبدالمجيد منڱريو (سانگهڙ)  قيصر مرکنڊ (خيرپور) محمد اڪرم خاصخيلي (نوابشاهه) ۽ ٻين چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف) سنڌ جا ڪيترائي اسڪول بنا ڪنهن جواز بند ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ۾ هزارين ٻار تعليم پرائي رهيا هئا ۽ سوين استاد ان ۾ تعليم ڏئي رهيا هئا

 سيف  جي نئين پاليسي تحت سبسڊي کي قرض طور ڄاڻائي، 1998 کان ڪاميابي سان هلندڙ ڪيترن ئي اسڪولن کي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن  ته انهن اسڪولن جا پلاٽ، ان تي ٺهيل عمارتون سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نالي تي ڪيون وڃن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ ليٽر لکي زبردستي اسڪولن جي عمارتن ۽ پلاٽن جا کاتا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  جي نالي ڪرائڻ لاءِ اسڪول مالڪن تي دٻاءُ پڻ وڌو پيو وڃي 

 هنن الزام هنيو ته اسڪول جي مالڪن  تي سبسڊي جي نالي ڪروڙين رپين جو قرض به ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان لاءِ اينٽي ڪرپشن کان ڪاروائي ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن

 هنن جو وڏيڪ چوڻ هو ته گذريل سال جا ڪروڙين روپيا اسان پارٽنرز جا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ڏي بقايا آهن. جيڪي اسان کي آگسٽ 2018 ۾ ملڻا هئا پر اڃان تائين ملي نه سگهيا آهن.   هنن اعلان ڪيو ته 12  فيبروري تي وزير اعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ اهو ڌرڻو تيستائين جاري رهندو جيستائين سيف جي انتظاميا کي تبديل ڪري ۽ تعليم دشمن پاليسيون واپس وٺي سمورا بند ڪيل اسڪول کوليا نه ٿا وڃن

About Author

Leave A Reply