ساس پاران 21 فئبروريءَ تي مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏيڻ جو اعلان

0

حيدرآباد(اي اين اين)سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پڌرو ڪيو آهي ته گذريل مهيني سنڌ سنگت جي مرڪزي عهديدارن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن موجب سنگت جي روايت کي برقرار رکندي هن سال سنگت لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سنڌ جي ٻن ناميارن اديبن، ناول نگارن ۽ ڪهاڻيڪارن عبدالقادر جوڻيجو ۽ غلام نبي مغل کي ڏنو ويندو

جڏهن ته ججن جي آيل فيصلي جي روشني ۾ 2017ع ۾ ڇپيل مختلف صنفن جي ڪتابن تي پڻ مڃتا شيلڊن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ناول جي صنف ۾ اڪبر سومرو جي ناول ”کماچ“، منير چانڊيي جي ناول ”بري هن ڀنڀور ۾“، ڪهاڻي جي ڪتابن تي غلام نبي سومرو جي ڪهاڻي ڪتاب ”ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار“ رزاق سهتي جي ڪتاب ”لمحي جو سواد“، شاعري تي فرزانه شاهين جي ڪتاب ”پهڻ پٿون پير ڪيا“ ۽ بشير منگي جي ”ڪير ٿو مون کي سڏي“ ۽ نثر جي ڪتاب عثمان راهوڪڙي جي ڪتاب ”سون سريکيون عورتون“ کي ڏنا ويندا

سنگت جي فيصلي موجب اهي لائف ٽائيم ايوارڊ ۽ مڃتا شيلڊون 21 فئبروري 2019 تي حيدرآباد ۾ سنگت پاران ٿيندڙ سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۽ ڪل سنڌ مشاعري جي موقعي تي ڏنيون وينديون

About Author

Leave A Reply