ساس مٺياڻيءَ پاران عيد مشاعرو ۽ محفل موسيقي

0

مٺياڻي (ای این این) عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي سنگت مٺياڻيءَ طرفان رات 10 بجي هاءِ اسڪول مٺياڻيءَ ڀرسان عيد مشاعرو ۽ محفل موسيقيءَ جو پروگرام ٿي گذريو. پروگرام جي صدارت شاعر گل بهار باغائيءَ ڪئي، مهمان خاص عبدالجبار جوش ۽ اعزازي مهمانن ۾ حبيب الله مستوئي، مجاهد مشوري، پپو ڀرٽ ٻيرائي، امين چانڊيو، رزاق خاصخيلي، عبدالمجيد مشوري هئا
پروگرام جي ڪاروائي امين چانڊيو ۽ نوجوان شاعر ديواني مجني ملاح هلائي
پروگرام جي پهرين نشست مشاعري جي باقائدي ڪارروائي قرآن شريف جي تلاوت ۽ نعت شريف سان شاعر دوست گلزار سيال ڪئي، تنهن کان پوِءِ آجياڻي تقرير کان پوءِ شاعري پڙهڻ لئه دوستن کي گهرايو ويو، شاعري پڙهندڙن ۾ نصير احمد سومرو، دوست محمد چانڊيو، راجه ملاح، اطهر علي سومرو، گلزار سيال، ديوانو مجنو ملاح، پپو ڀرٽ ٻيرائي، رزاق خاصخيلي، مجاهد مشوري، امين چانڊيو، عبدالجبار جوش، گل بهار باغائيءَ شامل رهیا، جن پنهنجي شاعري پڙهي محفل خوب داد ورتو

مشاعري جي نشست کان پوءِ محفل موسيقيءَ جو پروگرام شروع ٿيو جنهن ۾ عبدالجبار جوش، گلزار سيال، محمد بچل سيال ۽ تمام ڀلوڙ راڳي معشوق علي ملاح محفل جي رنگن ۾ سرسنگيت جي مڌرتا اوتي محفل کان تمام گهڻو داد ورتو
سڀ کان اهم ڳالهه ته هن پروگرام ۾ شهرين چڱي خاصي تعداد ۾ شرڪت ڪري هڪ ننڍڙي پروگرام کي خوبصورت ۽ بهترين پروگرام بڻايو

About Author

Leave A Reply