روهڙي: پرائمري اسڪول سبحان پور ۾ 9 مهينن کان استاد مقرر ناهي، شاگرد رلي ويا

0

صالح پٽ(رپورٽ: رحيم بخش)تعلقي روهڙي جو اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سبحان پور گذريل 9 مهينن کان استاد رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويو آهي، جنهن خلاف اسڪول جي شاگردن احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مستقبل فوري طور بچايو وڃي

مولانا عبدالباسط سومرو اي اين اين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 150 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داء تي لڳي ويو آهي، ڇوته استاد موجود ناهي

ڳوٺاڻن تعليم واري وزير سيد سردار شاھ ۽ وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺ جي شاگردن جو مستقبل بچائڻ لاءِ ترت اسڪول ۾ تدريسي عمل کي جاري رکڻ لاء استاد مقرر ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply