رسول بخش پليجو جمھوري جدوجھدن کي ڪامياب ڪيو، مقررین

0

 نوشھروفیرو (ای این این) عوامي تحريڪ ضلعي نوشهروفيروز پاران پارٽي جي باني، برک اديب، دانشور، سياستدان رسول بخش پليجي جي ٽين ورسي نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ ڇٽل راڄپر ۾ ملھائي وئي. جنھن ۾ ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي 

ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن سرور سنڌي، خالد تنيو، عطا محمد راڄپر، محمد علي شاھ، عبدالسلام سومرو، صحافي يونس راڄپر ۽ ٻين چيو ته رسول بخش پليجو ھڪ عظيم دانا سياستدان ھو ھن سنڌ جي حقن لاءِ تاريخي لانگ مارچون ڪري ڌرتي ڌڻين کي سجاڳي جو سڏ ڏنو، ھن ڪالاباغ ڊئم خلاف تاريخي ھلچل ھلائي، ضيا ۽ مشرف جي آمريتن سان مھاڏو اٽڪائي جمھوري جدوجھدن کي ڪامياب ڪيو. ھنن چيو ته رسول بخش پليجي سنڌ جي عورتن جي جديد سائنسي ۽ سياسي بنيادن تي منظم تنظيم ٺاھي

ھن عورتن، ھارين، پورھيتن، شاگردن ۽ ٻارڙن کي منظم ڪيو. سنڌ ۾ نظرياتي سياست جا بنياد پڪا ڪيا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن تي حملا بند ڪيا وڃن

About Author

Leave A Reply