داعش جي دهشتگردن کي پوليس ماريو، گم ٿيل ماڻهو جلد بازياب ڪرائينداسين: ڊي آئي جي عرفان بلوچ

0

 لاڙڪاڻو(اي اين اين) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻو ڊويزن کي دهشتگردن جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو جنهن ڪري شڪارپور، جيڪب آباد، سيوهڻ شريف ۾ دهشتگرد حملا ٿيا پر هن وقت صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل دهشتگرد حفيظ بروهي ۽ عبدالله بروهي پوليس هٿان ماريا ويا

.۽ ٻنهي دهشتگردن جو تعلق داعش سان پڻ هو

هن چيو ته دهشتگردي جو خطرو اڃان به آهي پر پوليس ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته ڪشمور، گهوٽڪي ۽ راجن پور جي ڪچي مان ماڻهن کي عورتاڻي آواز ذريعي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ ان گروهه کي ختم ڪرڻ لاء جلد ئي آپريشن ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي مان 20 ماڻهو ۽ 7 ٻار گم ٿيل آهن جن کي جلد ئي بازياب ڪرايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان آفيس ۾ ملاقات پڻ ڪئي آهي سندن جي بازيابي لاءِ پوليس ٽيمون به جوڙيون ويون آهن

هن چيو ته جيڪب آباد پوليس پاران 5 لک انعام يافته ڏوهاري بلند ڏاهاڻي کي گرفتار ڪيو آهي ان کان علاوه ٽن پورهيت پٺاڻن کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار به ڪيو آهي جيڪا پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ سندن خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڏوهارين جو خاتمو اچي سگهي

ان کان اڳ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ايس ايس پي مسعود احمد بنگش سان گڏجي پريس ڪلب پهتو جتي پريس ڪلب جي صدر ايس اقبال بابو، جنرل سيڪريٽري منير سومرو ۽ ٻين صحافين کين ڀليڪار ڪندي سنڌي ٽوپي ۽

.اجرڪ جا تحفا ڏنا

About Author

Leave A Reply