ايڊز جي نشانين کي سڃاڻو، احتياط ۽ علاج ڪرايو: مورو ۾ جاڳرتا ريلي

0

مورو(اختر لغاري وٽان)مورو ۾ صحت کاتي ضلع نوشھروفيروز طرفان ايڊز کان بچاء لاءِ جاڳرتا ريلي تعلقه اسپتال مورو کان ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلهوڙو، تعلقه اسپتال مورو جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ڊاڪٽر غلام شبير چوهاڻ، ڊاڪٽر يوسف نول، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر وجيهه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال،  سگا مورو جي اڳواڻ وزير فرهاد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

ريلي ۾ ڊاڪٽرن، ليڊي هيلٿ ورڪرن  عملي ۽ شھرين  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن جي هٿن ۾ وڏا وڏا بينر هئا جن تي ايڊز بابت ۽ ان کان بچاءَ جا نعره لکيل هئا

ريلي شھر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پهتي جتي مقررين خطاب ڪندي چيو ته ايڊز خطرناڪ مرض آھي جنهن جي بچاءَ لاء ماڻھن کي احتياط ڪرڻو پوندو ۽ احتياط ئي بچاءَ جو طريقو آھي

هنن چيو ته غيرفطري لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ۽ حجامت ڪرڻ دوران احتياط ڪيو وڃي هر شي صاف سٿري استعمال ڪئي وڃي. استعمال ٿيل شيون ٻيهر پاڻ تي استعمال نه ڪيون وڃن

هنن چيو ته غير محسوس معمولي زڪام، بک نه لڳڻ، وزن ۾ گهٽتائي، هڪ مهيني کان وڌيڪ پيٽ جو وهڻ، ڪمزوري وڌي وڃڻ، هڪ مهيني کان وڌيڪ بخار جو رهڻ کنگهه مسلسل جاري رهڻ ۽ جسم تي وڏا وڏا ڳاڙھا داڳ

.ٿي وڃڻ وغيره ايڊز جون علامتون ٿي سگهن ٿيون

About Author

Leave A Reply