الهداد زرداري جي علاج لاءِ “جهولي فنڊ” جاري، 12 اپريل تي چيئرٽي شو جو اعلان، واهر جي اپيل

0

نوشهروفيروز (اي اين اين)سنڌ جي مهان راڳي الهداد زرداري جي آپريشن لاءِ نوشهروفيروز ۾ فنڪارن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين “جهولي فنڊ” ڪيو، جنهن ۾ نوشهروفيروز جي شهرين ساڍا 26 هزار رپيا جهولي ۾ وڌا

هن جهولي فنڊ جي اڳواڻي سنڌ جي صوفي راڳي اعجاز علي خاصخيلي ۽ سڌير علي ميرالي پنهنجي ساٿين سان سُنگ جي صورت ۾ الله واري چوڪ کان شاهي بازار ۽ ٻين هنڌن تي شهرين کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي مهان راڳي الهداد زرداري جي زندگي بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تعاون ڪيو

ان قافلي ۾ غلام نبي ڀنڊ، ماسٽر گدا حسين سولنگي، سجاد عرف گڊو، سبحان فقير، سجاد خاصخيلي، ايم ظفر تڳر، علي نواز سولنگي، حسيني آصف علي، فقير ميهر علي بهڻ ۽ ٻيا شامل هيا

جهولي فنڊ کان پوءِ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ فقير اعجاز خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته نيو جتوئي، مورو، نوشهروفيروز سميت مختلف جاين تي جهولي ڦهلائي آهي ۽ 12 اپريل تي باءِ پاس روڊ مورو تي الهداد زرداري جي علاج لاءِ هڪ چيئرٽي شو پڻ ڪرائي رهيا آهيون جنهن ۾ شمن علي ميرالي، دلشير تيوڻو، نگهت ناز، دلبر جلال، صائمه منظور، تاج مستاني، قربان جلال چانڊيو، مرڪ محبوب علي،امتياز ماڏائي سميت پوري سنڌ مان فنڪار ۽ الهداد زرداري جا چاهيندڙ شرڪت ڪندا

واضح رهي ته الهداد زرداري گذريل ٽن سالن کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس علاج تي 60 لک رپيا خرچ اچي ٿو. فقير اعجاز خاصخيلي ۽ سڌير علي ميرالي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته الهداد زرداري زندگي بچائڻ لاءِ سندس علاج جو ذمو سنڌ سرڪار پاڻ کڻي

About Author

Leave A Reply