اسرا يونيورسٽيءَ ۾ مبينه بدعنوانين خلاف مظاهرو، بک هڙتال

0

(نوشهروفيروز (اي اين اين ايس

اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ميرٽ جي لتاڙ، ڪرپشن عيوض محنتي ۽ ذهين شاگردن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل خلاف اسرا يونيورسٽي بچايو ايڪشن ڪميٽي، انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ويلفيئر ٽرسٽ ۽ مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مظاهري جي اڳواڻي ايس يو پي جي عزيز ڦل، خادم سيال، مهر وسطڙو، شهيد ڀٽو جي بشارت کوسو، مير شعبان کوسو، سنڌ يونٽي فورم جي اياز راڄپر، سڪندر ڪلهوڙو، شاگرد اڳواڻ مور ٻٻر، محسن انصاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪرپشن عيوض نااهل شاگردن کي داخلائون ڏنيون پيون وڃن جنهن ڪري ميرٽ تي پورو لهندڙ ۽ ٽيسٽون پاس ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي داخلا نه ٿي ڏني وڃي

هنن چيو ته  هن سڄي ڪرپشن جي جڙ اسرا يونيورسٽي جو وي سي قاضي غلام قادر آهي  جنهن پنهنجا پٽ ولي الله قاضي، حماد قاضي سميت 40 کان وڌيڪ پنهنجي خاندان جا ملازم رکي ڇڏيا آهن جيڪي هن يونيورسٽي جي مختلف

.شعبن مان چئن چئن جڳهن تان پگهارون کڻي رهيا آهن

About Author

Leave A Reply