احمد خان چانڊيو بهترين انقلابي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن ھیو: ھاشم کوسو

0

مورو (اختر لغاري) قومپرست اڳواڻ احمد خان چانڊيو جي اٺين ورسي مورو ڀرسان ڳوٺ ھوت خان چانڊيو ۾ جيئي سنڌ محاذ خالق جوڻيجو جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ ھاشم کوسو جي صدارت م ملهائي وئي، ورسي م عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ يونس راھو، ڪامل سولنگي، خادم چانڊيو مھمان خاص ھئا
ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي جئيي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين ڪامريڊ ھاشم کوسو چيو تہ احمد خان منهنجو ساٿي، دوست، ڀاءُ ھو، احمد خان چانڊيو بهترين انقلابي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن ھو جنھن ھن جاگيرداري نظام کي للڪاريو ء تر م پنھنجي الڳ سجاڻپ ٺاھي، ھر جاگيردار مخالف ھو مظلوم ھارين ء پورھيتن جو ساٿي ٿي اڀريو ء آخر تائين اھا سڃاڻپ رکي
ھن چيو تہ سماج کي ٺيڪ ڪرڻو آھي تہ اوچ ۽ نيچ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي
ورسي کي محمد چانڊيو، منظور خاصخيلي، علي اصغر چانڊيو ايس يو پي جي سردار ٻرڙو، امير علي لغاري، دوست محمد سومرو، وحيد مستوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن تہ ورسي تقريب م خالق چانڊيو، اياز گبول، امجد کوسو، شاھنواز چانڊيو، قربان کوسو، ھادي سومرو، منٺار مري، ناظم الدين مشوري ء ٻين پڻ شرڪت ڪئي
ان کان اڳ ڪامريڊ احمد خان چانڊيو جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي

About Author

Leave A Reply