ابڙان ويجھو ڳوٺاٹي کي گم ڪرڻ خلاف رهواسين جو معصوم ٻارن سميت احتجاج

0

نوشھروفيروز(اي این این ایس) ابڙان ويجھو ڳوٺ ڍولڻ چانڊيو تي ھڪ ھفتو اڳ ابڙان ۽ نوشھروفيروز ٿاڻن جي پوليس چڙھائي ڪري پورھيت سوزعلي چانڊيو کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ گھرن مان ڦرلٽ ڪيل سامان واپس نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن لنڪ روڊ ابڙان بلاڪ ڪري معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪيو

ان موقعي تي ڳوٺ ڍولڻ چانڊيو جي رھواسين قادربخش چانڊيو، عزيزالله چانڊيو، محمد يوسف چانڊيو، لطف علي چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته نوشھروفيروز جي ايس ايڇ او راجا نويد ۽ ابڙان پوليس جي ايس ايڇ اوعبدالمجيد جٽ ۽ پوليس اھلڪارمنير چانڊيو، امان الله مشوري، احمد لوھاچ، عرس لنڊ سميت 20 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار ھڪ ھفتو اڳ اسان جي گھرن ۾ بلاجواز داخل ٿي گھر ۾ پيل سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪري گھر ۾ پيل ھڪ لک پنجاھ ھزار روڪ ڪاغذن جي موٽر سائيڪل, چار سولر پليٽون, ھڪ بيٽري, ھڪ گلابي ٻڪر, ٽچ موبائيل فون کان سواء ٻيو سامان کڻي ويا

About Author

Leave A Reply