آخري چونڊ دوران زرداري کي انڪار ڪندڙعبدالحق ڀرٽ جي تدفين ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، ماحول سوڳوار

0

نوشهروفيروز (اي اين اين) اڳوڻي صوبائي وزير دوست محمد عرف عبدالحق ڀرٽ  کي سندس اباڻي ڳوٺ ڀورٽي ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اڱاري واري رات جو 10 وڳي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

ان کان اڳ سندس مڙهه اباڻي علائقي ۾ پهچائڻ وقت ماحول سوڳوار رهيو ۽ هر اک آلي هئي. سندس جنازي نماز ۾ نوشهرو فيروز جي ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو، اڳوڻي ايم اين اي ظفر علي شاهه، ابرار شاه ۽ ٻين اهم شخصيتن سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

 عبدالحق ڀرٽ 15 سيپٽمبر 1948ع ڌاري ڳوٺ ڀورٽي ۾ فقير احمد نواز ڀرٽ جي گهر ۾ جنم ورتو. سياست سان گڏ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. هن آل سنڌ غريب نواز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد رکي ٺاروشاهه ۾ فلاحي اسپتال قائم ڪئي. ان کان علاوه سندس تنظيم پاران ٻنهي وڏين عيدن تي غريب، مسڪين، بي پهچ ماڻهن ۾ عيد خرچي سان گڏ سيڌو سامان ۽ ڪپڙا وٺي پنهنجي هٿن سان هزارين ماڻهن ۾ ورهائيندو هو

جڏهن ته هر سال سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ ٻيڙين تي جهوپڙيون ٺاهي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ فنڪارن سان روح رهاڻيون رچائيندو هو. جڏهن ته 1985ع ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ ايم پي اي چونڊيو ۽ پيپلزپارٽي جو 10 سالن تائين ضلع صدر به رهيو ۽ پيپلزپارٽي  جي ئي ٽڪيٽ تي 2008 وارين چونڊن ۾ ايم پي اي طور ڪامياب ٿيو ۽ سنڌ حڪومت پاران پهريان لائيو اسٽاڪ جو وزير طور قلمدان ڏنو ويو ۽ بعد ۾ اينٽي ڪرپشن جو وزير رهيو۔

   گذريل عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سان اختلافن سبب آزاد اليڪشن لڙيو جنهن ۾ هو هارائي ويو۔

واضح رهي ته آصف علي زرداري کيس مڃائڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتو هو ۽ کيس مشورو ڏنو ته هو چونڊن ۾ هٿ کڻي پي پي اميدوار ممتاز علي چانڊيو جي حمايت ڪري پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هو زرداري جي ويجهو سمجهيو ويندو هيو

About Author

Leave A Reply